مدرسو
مدرسو (انگريزي: Madrasah؛ عربي: مدرسة، جمع: مدارس)، ڪنهن به قسم جي تعليمي اداري، سيڪيولر يا مذهبي (ڪنهن به مذهب جي) لاءِ عربي لفظ آهي، چاهي ابتدائي تعليم لاء يا اعليٰ تعليم لاءِ. عرب دنيا کان ٻاهر ملڪن ۾، لفظ عام طور تي اسلام جي تعليمات (قرآن، حديث، فقه) جي مطالعي لاء هڪ خاص قسم جي مذهبي اسڪول يا ڪاليج ڏانهن اشارو ڪري ٿو (هڪ عيسائي سيمينري جي برابر).
هڪ تعميري ۽ تاريخي حوالي سان، اصطلاح عام طور تي تاريخي مسلم دنيا ۾ هڪ خاص قسم جي اداري ڏانهن اشارو ڪري ٿو جيڪو ٻين مضمونن سان گڏ، بنيادي طور تي اسلامي قانون ۽ فقه سيکاريندو هو. هن قسم جي اداري جي شروعات 11هين صدي عيسويءَ ۾ سلجوقين جي ماتحت هڪ وزير نظام الملڪ ڏانهن آهي، جيڪو ايران، ميسوپوٽيميا (عراق) ۽ خراسان (وچ ايشيا) ۾ سرڪاري مدرسن جو پهريون نيٽ ورڪ ٺاهڻ جو ذميوار هو. اتان کان، مدرسن جي اڏاوت، اڪثر ڪري آرڪيٽيڪچرل ڊيزائن جا ساڳيا نمونا اپنائڻ سان ايندڙ ڪجهه صدين ۾ مسلم دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ پکڙجي وئي.[1][2][3]
مدرسا عثماني سلطنت جو سڀ کان ڊگهو خدمت ڪندڙ ادارا بڻجي ويا، سال 1330ع ۾ هي ادارا ڪم شروع ڪيو ۽ ٽن براعظمن تي تقريبا 600 سالن تائين ڪم ڪيو. انهن ڊاڪٽرن، انجنيئرن، وڪيلن ۽ مذهبي عملدارن کي تربيت ڏني، جن ۾ حڪمران ۽ سياسي اشرافيه جا ٻين ميمبرن شامل آهن. مدرسا، هندو انڊرون محلات جي اسڪولن، جتيء ديو آشرم جا شاگرد شرڪت ڪندا هئا، جي برعڪس، پنهنجي فنڊنگ ۽ نصاب سان، هڪ مخصوص تعليمي ادارا هئا.[4]
تعريف
[سنواريو]تاريخ
[سنواريو]ديني مدرسا
[سنواريو]ديني مدرسو (Seminary) ھڪ اهڙو اداري کي چئبو آهي جتي شاگرد مذهبي تعلیم حاصل ڪرڻ لاء ويندا آهن. مدرسن ۾ شاگرن ۽ شاگردياڻن کي مختلف جماعتن ۾ مذھبي تعلیم ڏني ويندي آهي. اسلامي ديني مدرسو عام اسڪول يا مڪتب وانگر ھڪ ادارو آهي جيڪو اسلامي مذھبي تعليم فراھم ڪرڻ لاء مخصوص ھوندو آھي. ان جو انتظام ۽ تدريسي عملو مذھبي عالمن تي مشتمل ھوندو آھي جنھن ۾ مفتي، عالم، حافظ قرآن شامل ھوندا آھن. انھن جو نصاب اسلامي ھوندو آھي. پاڪستان ۾ مدرسن جي رجسٽريشن لازمي عمل آھي ۽ انھن جي نگراني لاءِ مذھبي بورڊ جوڙيل آھي.
اسلامي ديني مدرسن جي ابتدا
[سنواريو]مدرسي جي قيام کان اول مذھبي تعليم استاد گھرن ۾ ڏيندا هئا ۽ پوء سن جو آغاز مسجدن ۾ ٿيو جتي ھڪ ئي وقت استاد پنھنجا پنھنجا دائرا ٺاهي چونڪڙين ۾ شاگردن کي پڙھائيندا ھيا ۽ اھا تعليم به عام طور تي ذاتي نوعيت جي ھوندي ھئي ۽ مدد تمام گھٽ ھوندي ھئي ۽ ان تعليم جو خرچ گھڻي ڀاڱي مخير ماڻھن جي مٿان ھوندو ھو. اھو ايئن بنو اميه جي دور ۽ بنو عباس جي شروعاتي ۽ وچولي دور م ٿيندو ھيو. جڏھن بنو عباس جي خلافت ڪمزور ٿي ۽ صوبن ۾ آزاد حڪومتون قائم ٿيڻ شروع ٿيون تہ اھڙن تربيت يافتہ عالمن جي ضرورت وڌي وئي جيڪي قاضي، مفتي ء صدر جي عھدن لاءِ گھربل ھئا. اھڙين حالتن م باقاعده مدرسن جي ضرورت پيدا ٿي وئي جتي باقاعده تعليم ۽ تربيت ڏئي عالمن کي تيار ڪري سگھجي، اھڙي طرح پھريون مدرسو خراسان ۾ قائم ٿيو ۽ پوء ان جي تقليد ۾ اسلامي دنيا جي مختلف حصن ۾ مدرسا قائم ٿيڻ شروع ٿي ويا.[5]
تاريخي مدرسن ۾ تعليم
[سنواريو]مدرسن ۾ سرڪاري مداخلت
[سنواريو]جيئن ته ھڪ مدرسي لاءِ ضروري هو ته عمارت ھجي، جنھن ۾ استادن ۽ شاگردن لاءِ ڪتب خانو (لائبريري) ھجي، ملازم ۾ باقاعده پگھاردار استاد ھجن ۽ شاگردن جي رھائش لاءِ ھاسٽل ھجي تنھن ڪري اھڙو ادارو چندي کانسواءِ ھلڻ ممڪن نه ھيو تنھن ڪري باقاعده آمدني لاء رياست جي مدد جي ضرورت پيدا ٿي اھڙي طرح رياستي مدد جي شروعات ٿي ۽ مدرسن تي رياستي ڪنٽرول کان پوءِ حاڪمن مذھبي تعليم کي پنھنجي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو.[5] انھن مدرسن جو پھريون مقصد فقھي معاملن ۾ مھارت رکندڙن کي پيدا ڪرڻ ھو جن جي عدالتي عھدن تي مقرري جي ضرورت ھئي تنھنڪري جلد ئي اھڙن مدرسن قائم ڪرڻ جي شروعات ٿي جتي چئني سني فقھہ جي مذھبن جي تعليم ڏني ويندي هئي. اھڙي طرح مدرسو معاشري جي مذھبي ضرورتن کي پورو ڪندو ھو ۽ مذھبي قدرن جو تحفظ ڪندو هو.[5] سني اسلام جي مقابلي ۾ مصر ۾ فاطمي خلافت (909 کان 1171) مشھور الازھر جو بنياد وڌو جيڪو ھونءَ تہ مسجد جو نالو ھو پر درحقيقت مدرسو ھو جنھن جي قيام جو مقصد اھڙا مشنري يا تبليغي عالم پيدا ڪرڻ ھو جيڪي سني عقيدن خلاف تبليغ ڪري ماڻھن کي شيعيت طرف مائل ڪري سگھن. فاطمي رياست الازھر جي باقائده سرپرستي ڪئي ۽ مشھور عالمن کي اتي استاد مقرر ڪيو ويو جن جون ڳريون پگهارون مقرر ڪيون ويون. تقريبن 200 سالن تائين الازھر اھو ڪردار ادا ڪيو جنھن سني معاشري کي پريشان ڪري ڇڏيو ۽ ان ۾ خطري جو احساس پيدا ڪري ڇڏيو. ان صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ سلجوقي خاندان جي مشھور وزير نظام الملڪ (وفات 1092) مدرسن جو ھڪ نئون سلسلو پنھجي نالي سان مدرسہ نظاميہ شروع ڪيو جيڪي بغداد، نيشاپور، ھرات، اصفهان ۽ موصل ۾ قائم ٿيا. انھن مان بغداد واري مدرسي جو پرنسپل مشھور مذھبي عالم امام غزالي (وفات: 1111ع) ھيو. انھن نظاميہ مدرسن ۾ شيعہ، اسماعيلي۽ قرامطي تحريڪن جو مقابلو ڪرڻ جي تربيت ڏني ويندي ھئي تہ جيئن اھي عقيدا رد ٿين. ان جنگ جو نتيجو اھو نڪتو تہ ٻنھي پاسن ڏي عالمن کي اھميت ملڻ شروع ٿي وئي کين نه رڳو مالي امداد ملي پر حڪومتن جي سرپرستي پڻ ملي ۽ معاشري ۾ عالمن جو سماجي رتبو وڌي ويو. ھاڻي مدرسن مان سماجي ضرورت کان وڌيڪَ عالم نڪرڻ شروع ٿي ويا جن رياستي عھدا نہ ملڻ جي ڪري، غربت ۽ بي روزگاري ڪري حڪومتن جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. رياستي عھدن تي فائز ۽ انھن بي روزگار عالمن ۾ پڻ ٽڪراء ٿيڻ لڳو.[5]
فن تعمير
[سنواريو]علائقي جي لحاظ کان مدرسا
[سنواريو]عام غلط فهميون
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]- درس نظامي؛ ڏکڻ ايشيا ۾ مدرسن جو سڀ کان وڌيڪ عام نصاب.
- دارالعلوم؛ ساڳئي قسم جو ٻيو اسلامي اسڪول.
- حوزه؛ شيعه اسلام ۾ مدرسي جي جاء تي استعمال ڪيو ويندو آهي.
- اسلامي اڀياس
- اسلامي مدرسن جي فهرست
- قديم ترين مدرسن جي فهرست، جيڪا مسلسل ڪم ڪري رهيا آهن
- زوايا
- خلوه؛ آفريڪا جا اسلامي اسڪول
خارجي لنڪس
[سنواريو]- وڪيميڊيا العام تي Madrasas بابت زمرا
- سانچو:Wiktionary-inline
سانچو:Islam topics سانچو:Islamic educational institutions سانچو:Theology سانچو:Islamic architecture سانچو:Sufism terminology
حوالا
[سنواريو]- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs named:5
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs named:3
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs named:0
- ↑ Aktan, Sümer (2018). Curriculum Studies in Turkey:A Historical Perspective. United States: Palgrave Macmillan US. pp. 46, 76, 77.
- ↑ 5.0 5.1 5.2 5.3 علما اور سیاست؛ مصنف: ڈاکٹر مبارک علی؛ صفحہ 23, 24-
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا
- مضمون with short description
- Short description matches Wikidata
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- Madrasas
- Arabic architecture
- Arabic words and phrases
- Arabic words and phrases in Sharia
- Arab inventions
- School types
- Law schools
- Islamic architecture
- Ribats
- تعليم
- تعليمي ادارا
- اسلامي اصطلاح