iBet uBet web content aggregator. Adding the entire web to your favor.
iBet uBet web content aggregator. Adding the entire web to your favor.



Link to original content: https://sd.wikipedia.org/wiki/مالاڪولوجي
مالاڪولوجي - وڪيپيڊيا مواد ڏانھن هلو

مالاڪولوجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هڪ بگ فن ريف اسڪوڊ ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو ڪافي ترقي يافته اکين وارو، لوڪوموٽو ۽ بايولومينسنٽ عضون، جيڪا ڪلاس سيفالوپوڊا جي مالاڪولوجيڪل مطالعي ۾ خاص طور تي اهميت وارا آهن.

مالاڪولوجي (Malacology) [lower-alpha 1] حيوانيات (غير ڪرنگھيدار جانورن جي) جي هڪ شاخ آهي جيڪا مولسڪا يا مولسڪ جي مطالعي سان واسطو رکي ٿي ۽ آرٿروپوڊز کان پوءِ بيان ڪيل نوعن جي لحاظ کان جانورن جو ٻيو نمبر وڏو فائلم آهي. [1] مولسڪ ۾، ٻين ڪيترن ئي قسمن سان گڏ، جن مان اڪثر خول وارا آھن، گھوگهيتو، ڪلئم، سلگ ۽ سيفالوپاڊز شامل آھن. مالاڪولوجي قديم يوناني لفظن "μαλακός" (مالاڪوس يعني نرم) ۽ "λογία" (لوجيا يعني مطالعو) مان نڪتل آهي.

مالاڪولوجيڪل ريسرچ جي فيلڊ ۾ ٽيڪسانومي، ماحوليات ۽ ارتقا شامل آهن. مالاڪالوجي جا ڪيترائي ذيلي ڀاڱا موجود آهن، جن ۾ ڪانچولوجي، مولسڪ شيل جي مطالعي لاءِ ۽ ٽيوٿولوجي، سيفالوپاڊز جهڙوڪ آڪٽوپس، اسڪوڊ ۽ ڪتل مڇي جي مطالعي لاء، وقف ٿيل آهي. اپلائيڊ مالاڪولوجي جو مطالعو طبي، ويٽرنري ۽ زرعي ايپليڪيشنن لاء استعمال ڪيو ويندو آهي. مثال طور مولسڪ جو مطالعو، شسٽوسومياسس (schistosomiasis) ۽ ٻين بيمارين جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاء ڪيو ويندو آهي.

آبهوا جي ارتقا، علائقي جي بايوٽا، ۽ سائٽ جي استعمال کي سمجهڻ لاءِ آرڪيالاجي مالاڪالوجي کي استعمال ڪري ٿي. مالاڪولوجيڪل ريسرچ ۾ زولاجيڪل طريقا استعمال ٿيندا آهن. مالاڪولوجيڪل ٽيڪنالاجي، مالاڪولوجيڪل فيلڊ جا طريقا ۽ ليبارٽري طريقا،جهڙوڪ گڏ ڪرڻ، دستاويز ڪرڻ ۽ آرڪائيو ڪرڻ ۽ ماليڪيولر تيڪنيڪون اسٽرم (Sturm et al)، (2006) پاران ڏنل آهن.

تاريخ

[سنواريو]

سال 1681ع ۾ فليپو بوناني پهريون ڪتاب لکيو، جيڪو صرف سامونڊي چولن (Sea Shell) ۽ خاص ڪري سامونڊي گھوگھيتن جي خول بابت هئي، ڪتاب جو عنوان هو، "Ricreatione dell occhio e dela mente nell oservation' delle Chiociolle, proposta a' curiosi delle opere della natura &c". سال 1868ع ۾، جرمن مالاڪولوجي سوسائٽي قائم ڪئي وئي.

مالاڪولوجسٽ

[سنواريو]

جيڪا ماهر مالاڪولوجي جو مطالعو ڪن ٿا انهن کي مالاڪولوجسٽ طور سڃاتو وڃي ٿو. جيڪي بنيادي طور تي يا خاص طور تي مولسڪ جي خول جو مطالعو ڪن ٿا، اهي ڪانچولوجسٽ طور سڃاتا وڃن ٿا، جڏهن ته سيفالوپوڊا طبقي جي مولسڪ جو مطالعو ڪرڻ وارا ٽيوٿولوجسٽ آهن.

سوسائٽيون

[سنواريو]

رسالا

[سنواريو]

عجائب گھر

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

خارجي لنڪس

[سنواريو]

وڪيميڊيا العام تي مالاڪولوجي بابت زمرا

حوالا

[سنواريو]
  1. "Home – Division of Invertebrate Zoology". وقت 2007-02-08 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2007-02-08.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو