انب
انب (انگريزي: Mango؛ اردو: آم) سنڌ جو هيءُ سدا بهار وڻ نه فقط پنهنجي ڦر جي لحاظ سان بهشتي ثمر لڳي ٿو، پر هن وڻ جي ڪاٺي پڻ نهايت ئي ڪارائتي آهي. انهيءَ لحاظ سان هيءُ وڻ ڄڻ ته قدرت جي طرفان سنڌ وارن جي لاءِ تحفو آهي. آڳاٽي زماني ۾ عربستان ۽ ايران جي ماڻهن، سنڌ ۾ هيءُ ميوو کاڌو هو، جنهن جو ذڪر انهن پنهنجن سفرنامن ۾ ڪيو آهي. تنهنڪري ”انب“ جو نالو به سندن ٻولين ۾ رائج ٿيو. جيئن ته عربيءَ ۾ ”انبج“ ۽ فارسيءَ ۾ ”انبه“.[1]
انب کي اردو/هندي ۾ آم چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ مينگو. هي وڻ اصل هندستان جو آهي. گهڻن هنڌن تي جهنگ وانگر گهاٽ يا ٻيلا ڪري بيهندا آهن، جن جي ڇانو ۾ مسافر آرام وٺي سگهن ٿا. اهي جهنگلي وڻ ٿيندا به وڏا درخت آهن، انهن جو ميوو نه پر انهن جي ڪاٺي گهڻي ڪم ايندي آهي، هٿ جا پوکيل، جي ککڙيءَ مان يا پيوند يا گوٽيءَ سان ٿيندا آهن، سي قد جا ننڍا ٿيندا آهن.[2]
قسم
[سنواريو]هن وقت پلانب ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: هڪڙا ”ديسي“، ٻيا ”فارمي“. آڳاٽي وقت ۾ ديسي انب هوندا هئا، جن جا قسم هي هئا: پتاشو، لڏون، ڦاروو، هاٿي ۽ گڏهھ مار وغيره. هاٿي ۽ گڏهه مار وڏا ۽ وزني انب هوندا هئا. ”پتاشو“ انب وري ننڍو ۽ سهڻو هوندو هو. ميٺاج به منجهس گهڻو هوندو هو.
موجوده دور ۾ انبن تي تجربا ڪري، انهن مان چاليهن کان وڌيڪ جنسون تيار ڪيون ويون آهن، جن کي فارمي انب چيو ويندو آهي. اُنهن انبن جي خصوصيت هيءَ آهي جو انهن ۾ ڄارو يا ريشو ڪونه ٿئي. انهن ۾ ڳر وڌيڪ ۽ ڪوئلو ننڍو ٿئي. انهن جنسن ۾ سڀ کان وڌيڪ جاذب نظر ۽ سڀني خوبين سان ٽمٽار ”سنڌڙي“ انب آهي، جنهن سڄيءَ دنيا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي.[1]هندستان ۾ انب جا جيڪي قسم پيدا ٿين ٿا، تن جو شمار ۽ تفصيل ڏيڻ مشڪل ڪم آهي. تمام عمدي قسم جا ته گهٽ آهن ۽ ڪن ٿورن خانگي باغن ۾ هٿ اچي سگهندا، جيڪي وڪامن ٿا سي عام سادي قسم جا آهن.
آبهوا ۽ پوکڻ جي ريت بدلڻ ڪري، انب ۾ گهڻو سڌارو ڪري سگهجي ٿو. جدا جدا هنڌن تي جدا جدا قسمن جا جي انب ٿيندا آهن، تن مان ڪن ٿورن جا نالا اسين هيٺ ڏجن ٿا:
- الفنسو يا گوئا جو انب: جو بمبئيءَ جي آسپاس ٿيندو آهي ۽ تمام مشهور آهي.
- چيني انب: هي قد جو ننڍو آهي. هي رڳو هڪ سال اندر ٻن فصلن ۾ ڦر ڪرڻ ڪري مشهور آهي. ٻيو فصل آڪٽوبر ۾ اٿس.
- مالڊا جو انب يا بمبئيءَ جو انب: هي وچولي قد جو آهي، پڪي کان پوءِ ڳر نارنگيءَ جي رنگ جهڙي ٿي ٿئيس. تمام عمدي قسم جو ليکبو آهي. ڪلڪتي جي سرڪاري باغ ۾ ٿئي ٿو. جنهن اڳي نه کاڌو هوندو، تنهن کي هن جي لذت خيال ۾ ئي نه اچي سگهندي.
- مدراسي انب: وچولي قد جو ٿئي ٿو ۽ خوشبوءِ زياده اٿس.
- سينگاپوري انب: هي تمام وڏي قد جو آهي. پڪي سونهريءَ ۽ پيلي رنگ جو ٿئي ٿو. ٻئي درجي جو عمدو قسم آهي.
- بندوبني انب: هي ننڍڙو آني جهڙو ٿو ٿئي. خوشبوءِ تمام چڱي اٿس. پڪي کان پوءِ به سائي رنگ جو ٿو رهي.
- بيل انب: هن ۾ بيل ڦَل جهڙي خوشبوءِ ٿي ٿئي. سندس پنن ۾ هڪڙي عجيب خوشبوءِ ٿي رهي.
- موهن ڀوگ: هن جو وڻ موهن نالي ماڻهوءَ جو پيوند ٿيل آهي. ننڍو ۽ ڳاڙهي قسم جو ٿو ٿئي. تمام عمدو آهي.
- ناريچ: هي بمبئيءَ جي انبن مان آهي. تمام وڏو ۽ اڇي رنگ جو ٿئي ٿو. آگسٽ ۾ پچندو آهي.
- ڦُولِي: هي ننڍڙي قسم جو آهي. ٻاهران ڳاڙهولال آهي، اندران گلابي رنگ جو ٿئي ٿو. خوشبوءِ تمام چڱي اٿس.
انهن کان سواءِ ٻيا ڪيترائي نالا اٿن، جي جدا جدا قسم ٿا ڏيکارين؛ گهڻو ڪري سڀڪو باغ جو مالڪ يا باغائي، پنهنجي باغ جي عمدن عمدن انبن تي سڃاڻپ لاءِ، ڪي خاص نالا رکي ڇڏيندو آهي. ساڳيءَ طرح کجين جي باغ ۾، جدا جدا کجور جي قسمن تي جدا جدا نالا رکندا آهن.[2]
تاريخ
[سنواريو]اڪبر بادشاهه جي حياتيءَ جا شروعاتي نو ڏهه سال سنڌ ۾ فتح باغ واري علائقي (ماتليءَ جي ڀرسان جوڻ واري علائقي) ۽ سيوهڻ واري علائقي ۾ گذريا هئا. ان دور ۾ فتح باغ سميت سنڌ جي گهڻن علائقن ۾ انبن جا باغ جام هوندا هئا. اڪبر بادشاھ دهليءَ جي حڪومت سنڀالڻ کان پوءِ هر سال فتح باغ مان -انب- گهرائيندو هو، جيڪي هو سڄو سال کائيندو هو. اهو هن طرح جو اُٺ جي چم مان ٺهيل دٻن کي اڌو اڌ ماکيءَ سان ڀري، انهن کي انبن سان ڀري، انهن جا منهن ڪُڙي ڇڏيندا هئا. ٻه ٻه دٻا هڪڙي اُٺ تي ڪڙبا هئا، پوءِ ٽيهن چاليهن اُٺن جي قطار دهليءَ ڏانهن رواني ٿيندي هئي. دهليءَ ۾ اهي دٻا توشاخاني ۾ محفوظ ٿي ويندا هئا. -اڪبر بادشاهه- پنهنجي دور ۾ ابوالفضل جي صلاح سان دهليءَ ۾ انبن جو هڪ باغ لڳارايو هو، جنهن ۾ هڪ لک ٻوٽا رکايا هئائين ۽ باغ جو نالو ”لک باغ“ رکيو ھئائين.[1]
موسم ۽ پوکي
[سنواريو]انب، مئي ۽ جون وارن مهينن ۾ شاخ ڏيندا آهن، يعني وڻ ۾ ڪو انب پَڪو ته سمجهبو ته انبن جو فصل لٿو. پوءِ انب وڻن مان پٽي پال وجهندا، يعني اهي مٽن، کوکن يا ڪوٺين ۾ بند ڪري رکندا. انهن ۾ ڪونه ڪو ڦر (گدرو وغيره) وجهندا، جنهن جي خوشبوءِ تي انب ٽن چئن ڏينهن ۾ پچي ويندا.[1]انب جو وڻ فيبروريءَ ۽ مارچ ۾، يا ڪٿي پوءِ ڀرو ٻور جهلي ٿو. هفتي ٻن تائين اهو ٻور آسپاس واريءَ هوا کي واسي ڇڏيندو آهي. مئي مهيني جي وچ ڌاري ۽ ڪٿي ته جون ۽ جولاءِ ۾ ڦر لهندو آهي. سملا جي اتر ڏي ته سيپٽمبر ۾ مس انب ٿا لهن.[2]هندستان ۾ ٻه مکيه جايون آهن، جتي تمام عمدي قسم جا انب ٿين ٿا. هڪڙي بمبئيءَ ۾ مازاگان ۽ ٻي مالڊا. خبر ناهي ته اها خاصيت زمين جي ڪري آهي، يا آبهوا جي ڪري، يا پوکڻ ۽ پرداخت ڪرڻ جي ڪنهن خاص رستي ڪري.
انب جي ککڙيءَ ۾ پيڄيءَ جو جزو گهڻو رهي ٿو ۽ سندس کل ۽ ميوي جي ڏانڊيءَ ۾ تيل جو جزو گهڻو آهي. ٽارين ۾ جيڪي ڳاڙها جيري جي رنگ جهڙا گونچ ۽ ڪچڙا پَنَ نڪرندا آهن، تن مان معلوم ٿو ٿئي ته انب جي وڻ جي رس سلفيورڪ ائسڊ يا شوري جي جوهر سان ڀريل آهي. تنهنڪري انهن جزن جي مدد لاءِ مناسب قسم جو، ترڪيب ٿيل ڀاڻ جوڙي ڏيڻ گهرجي. چن مان گهربل ڪاربان ملندس؛ آهر يا سرنهن، ڄانڀي جي کڙ مان تيل يا شوري سان گڏيل ڪاربان جو جزو ملندس. رڳو شوري مان پوٽاش ملنديس. هيراڪس مان سلفيورڪ ائسڊ ۽ لوهه جا جزا ملندس. هاڻي انهيءَ ضروري ڀاڻ ٺاهڻ جي ترڪيب هيءَ آهي: ڏهه سير ڇڻيل چن آڻيو، اڌ سير شورو، هڪ سير هيراڪس ۽ اڍائي سير کڙ. کڙ ڀوري ٿورو ٿورو ڪري چن سان گڏجي. شورو پوريءَ طرح ڪُٽيل سرن جي چوري جي اڍائي سيرن سان ملائي ۽ انهيءَ کي پاڻيءَ سان ڳوهجي. سڪي کان پوءِ اهو شوري سان گڏيل چورو چن سان گڏائجي. تنهن کانپوءِ ٿڌي پاڻيءَ جي هڪڙي دِلي ۾ هيراڪس ڳاري، هن ڳوهيل مال تي ڇاٽاريندو ۽ ملائيندو وڃجي ۽ پوءِ ٻن ٽن ڪلاڪن تائين انهيءَ کي ڇڏي ڏجي ۽ جي ترت گهربل نه هجي ته ڪنهن ڇانو واري هنڌ رکي ڇڏجي. پوءِ هن مان هڪڙي پتي کڻي، تازي ٻاڪري يا ريڍي ڀاڻ جي ٽن پتين سان ملائي ڪم آڻجي.[2]
انبڙي
[سنواريو]انب جو ڦرُ ڪچو هوندو، يعني ”انبڙي“ هوندي ته ان جو رنگ سائو ۽ ذائقو تمام کٽو ٿيندو، پر پڪل انب مٺو ٿيندو آهي. وڻ جا پڪا (شاخ ڏنل) انب به سٺا ۽ مٺا ٿيندا آهن، پر انبن کي پال ۾ وجهي پچائبو آهي ته تمام مٺا ۽ خوشبوءِ وارا ٿيندا آهن. ڪچن انبن (انبڙين) مان آچار ٺهندو آهي.[1]
وڻ
[سنواريو]انبن جا ديسي وڻ 15، 20 فوٽ اوچا ٿيندا آهن. انهن جي عمر به گهڻي ٿئي ٿي. شالامار باغ ۾ لڳايل انبن جا ٻوٽا، مغل بادشاھ شاهجهان جي عهد ۾ لڳايا ويا هئا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين ڦر ڏيندا رهن ٿا. انب جو وڻ نه رڳو ميوي جي لحاظ کان ڪارائتو آهي، پر عمارتي ڪاٺ طور به ڪم ايندو آهي، -ان- مان دروازن جا چؤنڪ ۽ گهرو فرنيچر به ٺهندو آهي. دهل به انب جي ڪاٺيءَ مان ٺاهبا آهن.[1]انب جو وڻ عام طرح ٻج يعني ککڙيءَ مان ٿيندو آهي، مگر خاص طرح عمدن وڻن وڌائڻ لاءِ پيوند يا اوڌ ڪم ۾ آڻيندا آهن. اهڙيءَ ريت، جو اسان مٿي هن ڪتاب جي شروع وارن بابن مان ڪنهن هڪڙي ۾ بيان ڏنو آهي، سو پڙهندڙن کي ضرور ڏسڻ گهرجي. پيوند ڪيل وڻ پنجن ورهين ۾ ڦر جهلي ٿو ۽ ڪهڙيءَ به زمين ۾ رهي سگهي ٿو. ٻج پوکڻ جي چڱيءَ ريت بابت ڪي ڏيهي آزمودگار ماڻهو چون ٿا ته انب جي ٻاهرين کل لاهي، ڳر سوڌي ککڙي کڻي کير ۾ وجهجي، ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪڍي پوکجي. ککڙين پوکڻ جي موسم به تڏهن آهي جڏهن ڦر لهي ٿو. سلن نڪرڻ کانپوءِ ڪونڊين ۾ رکجن. ايندڙ ورهيه ۾ مينهن جي ڏينهن ۾ انهن جا پيوند ڪجن. مينهن جي موسم گذرڻ بعد پيوند لڳي ويندا، پوءِ جدا ڪري ڇانوري ۾ رکجن. ٻئي سال جي سانوڻ ۾ ڪڍي زمين ۾ رکجن. پنجن ورهين ۾ اهي ڦر جهليندا. ٻين ميويدار وڻن وانگي، انب جي وڻ جي به آسپاس جي مٽي کوٽي، ٻن ٽن هفتن تائين پاڙن کي هوا ڏيارڻ مان فائدو رسي ٿو. نومبر مهيني ۾ ائين ڪجي ۽ ڊسمبر ۾ چڱيءَ طرح ڀاڻ ڏئي مٿانئس تازي مٽي وجهي ڇڏجي. اپريل مهيني ۾ جڏهن ڦر ڀرجڻ ۽ وڌڻ لڳي، تڏهن ٿُڙَ جي چوڌاري، ججهي پاڻيءَ ۽ پٽڙي ڀاڻ ڏيڻ ۾ گهڻو فائدو آهي. نب جو وڻ سال ۾ ٻه ڀيرا وڌي ٿو، هڪڙو فيبروري جي آخر ڌاري ۽ ٻيو جولاءِ ۾. ڪڏهن ڪڏهن ٽيون ڀيرو فيبروريءَ ۾ به واڌارو ڪندو آهي.[2]
فائدا
[سنواريو]طبيبن موجب، انب جا طبي فائدا به آهن. انب دل، دماغ ۽ معدي کي طاقت ڏئي ٿو. جسماني قوت کي وڌائي ٿو. بدن کي ٿلهو ڪري ٿو ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو. انب جو آچار به طبي لحاظ سان فائديمند آهي. انب کائڻ سان آنڊن، بڪين ۽ مثاني ۾ قوت پيدا ٿئي ٿي. مُنهن جو رنگ کُلي پوي ٿو. انب جي ککڙي جو پِتو تاثير ۾ ٿڌو ۽ خشڪ ٿئي ٿو، جيڪو مٺن پيشابن لاءِ مفيد آهي. موجوده دور ۾ فارمي انبن ۾ لنگڙو، دسهري، سنڌڙي، انور رتول، ثمر بهشت، فجري وغيره مشهور آهن.[1]
جيت ۽ مرض
[سنواريو]انب جي وڻ کي گهڻو ڪري ٻه مرض وڌيڪ لڳندا آهن ۽ فصل کي نقصان رسائيندا آهن. هڪ ”مَهلو“ ۽ ٻيو ”ميلي بگ“. ٻنهي مرضن جو ڪارڻ ننڍڙا جيت هوندا آهن، جيڪي انب جي ٻور توڙي پنن کي شديد نقصان پهچائي، فصل کي برباد ڪري ڇڏيندا آهن.
- مَهلو: هيءُ ننڍڙو جيت آهي، ليڪن نقصان تمام گهڻو ڪري ٿو. هن جيت جي مادي، جڏهن مناسب گرمي محسوس ڪندي آهي، تڏهن آنا لاهيندي آهي. خاص طرح جولاءِ مهيني جي آخر ۽ آگسٽ جي شروعات ۾، جڏهن وڻ ۾ ڦوٽهڙو پيدا ٿيندو آهي، تڏهن هن جيت جا ٻچا ٿين ٿا، جيڪي نازڪ گونچن جو رس چوسي وڏا ٿين ٿا. شديد حملي جي صورت ۾ سَينورجي ڪري، ٻوٽي جا پن ڪاراٽجي ويندا آهن ۽ فصل کي نقصان پهچندو آهي.
- ميلي بگ: هن جيت جي ماديءَ جو جسم اڇي مادي سان ڍڪيل هوندو آهي ۽ نر جو رنگ چاڪليٽي ٿيندو آهي. هن جيت جو حملو نومبر ۽ ڊسمبر مهيني ۾ ٿئي ٿو. وڻ جي مختلف حصن مان رس چوسي، فصل کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي.
انب جي وڻ کي انهن بيمارين کان سواءِ به ڪي ٻيون بيماريون لڳن ٿيون، جهڙوڪ: اسڪيل، ميوي جي مک، سوڪهڙو، کرٻور، اڇو سينور وغيره. جڏهن انب جي وڻ کي مَهلو لڳي ته اُن کان اڳ يعني ٻوڪجڻ کان پهرين، ڊسمبر مهيني کان ئي ڦوهارو ڪبو آهي ۽ اُهو ڦوهارو ايزو ڊرين 250 ملي ليٽر يا ٿويڊان 300 ملي لٽر، 100 لٽر پاڻيءَ ۾ ملائي، ڦوهارو ڪبو. اهڙي نموني انب کي مهلي جي مرض کان بچائي سگهجي ٿو. جڏهن ميلي بگ بيماري لڳڻ جو خطرو هجي ته جون ۽ جولاءِ مهينن ۾ باغ کي چڱيءَ طرح ريج ڏين، ميوي ختم ٿيڻ بعد وڻ جي هيٺ لڙڪيل شاخن کي وڍي ڇڏين ۽ ضرورت کان وڌيڪ پاڻي ڪونه ڏين. فاليڊال 300 ملي لٽر يا برلين 200 ملي ليٽر، 100 لٽر پاڻيءَ ۾ ملائي، طاقتور مشين سان ڦوهارو ڪرائبو آهي.
اهڙيءَ طرح ٻين بيمارين يعني ”اسڪيل“ جي صورت ۾ ميٽاسٽاڪس پاڻيءَ ۾ ملائي ڦوهارو ڪن، ”مک“ جي حالت ۾ ڊپٽريڪس يا نوگاس دوا جو ڦوهارو مفيد ٿئي ٿو. ”سوڪهڙي“ جي مرض لاءِ بورڊيڪس مڪسچر ۾ توتيو ۽ اڇو چُن ملائي ڦوهارو ڪن.[1]