اليعقوبي
مشهور سياح ۽ ليکڪ احمد -بن- ابي يعقوب -بن- جعفر -بن- وهب -بن- واضع الڪاتب هو، جنهن جي جواني آرمينيا ۾ گذري. -ان- کانپوءِ خراسان ۾ درٻار ظاهري سان وابسته ٿيو. عباسي سلطنت ۾ انشناءَ جو آفيس عملدار هو. سنڌ، هند ۽ ٻين ملڪن جو سير سفر ڪيائين. هيءُ پهريون مؤرخ آهي، جنهن سڄي دنيا جي قومن جي -تاريخ- عربي ۾ لکي. -ان- سان گڏ هن مسلمانن جي جنگين ۾ فتحن جو تفصيل سان ذڪر به ڪيو آهي. سندس ڪتاب ۾ مسلمانن جي انهن حملن جو به ذڪر آهي. جيڪي هنن سنڌ تي ڪيا. سندس لکيل ڪتاب ”ڪتاب التاريخ“ 1883ع ۾ ٻن جلدن ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ انهن سڀني ڪتابن جو به احوال ڏنو آهي، جيڪي سنڌ ۽ هند جي عالمن جا ڇپيل هئا ۽ پوءِ عربيءَ ۾ ترجمو ٿيا. -ان- کانسواءِ يعقوبي جاگرافي بابت به هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ تاريخي مواد ملي ٿو. -اليعقوبي- پهريون سياح آهي، جنهن هند سنڌ جي فلسفي، حڪمت، طب علم ادب ۽ علم نجوم بابت تفصيل سان بحث ڪيو. -اليعقوبي- پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”هند سنڌ جا ماڻهو عقل وارا، سوچ ويچار جا ڪوڏيا آهن ۽ اهي انهيءَ حيثيت ڪري سڀني قومن ۾ اڳرا آهن. -جوتش- ۽ نجوم ۾ سندن ڳالهيون سڀ کان وڌيڪ صحيح نڪرن ٿيون. -اليعقوبي- سنڌ ۾ لکيل ڪتابن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. ’سڌانت‘ سنڌين جو مشهور ڪتاب آهي، جنهن مان سڀني علمن جون شاخون نڪرن ٿيون. طب ۾ به هنن جا دليل ۽ بحث سڀ کان اڳرا آهن. -اليعقوبي- جي لکيل ڪتاب مان سنڌي شهرن بابت ڪافي تاريخي ڄاڻ ملي ٿي. سندس هيءُ ڪتاب -ان- دؤر جي -تاريخ- جو عڪاس آهي، جيڪو اڄ به هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو. هو آخر ۾ مصر ويو، -جتي- 284ھ/897ع ۾ وفات ڪيائين.[1]