سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
هجري تاريخ ۾
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
جمالين جو قبو- 6: هيءُ مقبرو سخي اميد علي جي قبرستان، ديھه اين-87 تعلقي ۽ ضلعي بينظيرآباد ۾ آهي. نوابشاھه شھر کان اولھه طرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي. ھيءُ ماڳ اتر ڊگھائي ڦاڪ 26015' 0'' ڊگرين ۽ اوڀر ويڪرائي ڦاڪ 680 26' 35'' ڊگرين تي واقع آھي. مقبري جي ڊيگھه ويڪر 4x4 ميٽر ۽ اوچائي ست ميٽر آھي. ھن جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون (26x18x15cm) گل ۽ ڳچ گارو استعمال ٿيل آھي. مقبري کي اوڀر ۾ ھڪ سينگاريل ونگائين در سان لنگهه آھي. ھر پاسي کي ٻه عدد طاقي پانيل ڏنل آھن. سواءِ مھاڙيءَ جي باقي پاسن کي وچ تي دري ڏنل آھي. ڇت جي چوڌاري ڇڄھري ڏنل آهي. ان تي برجين جا نشان آھن جيڪي ھر ڪنڊ تي ٺھيل ھيون. مقبري جي اٺ ڪنڊي گنبذ/ ڳچ تي اڌ گولائون گنبذ اڏيل آھي.ا ندر ڪابه قبر نظر نه ٿي اچي جو ڪريل ملبو گھڻو آھي. مقبري تي ڪوبه ڪتبو يا لکت نٿي ملي، جو خبر پوي ته ھيءُ ڪنھن جو مقبرو آھي. ھن وقت مقبرو خراب حالت ۾ آھي. گنبذ ڪري چڪو آھي. لنگھه جي ڇيڙن واريون ونگون ۽ دريون ٽٽي پيون آھن. سم ۽ ڪلر جي اثر ڪري مقبري جون سرون ڳري ويون آھن. جھنگلي گاھه وڪوڙي ويو آھي. ھن مقبري کي مرمت جي ضرورت آهي. هيءَ ميرن جي دور جي اڏاوت معلوم....وڌيڪ پڙهو